APP85-25 ISLAMABAD: April 25 - Ambassador of the United Arab Emirates (UAE), H.E. Hamad Obaid Ibrahim Salem Al-Zaabi called on Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi at PM Office. APP

اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان ۽ گڏيل عرب اماراتن جي وچ ۾ واپار جي وڌندڙ ڪاٿي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان بجلي، تيل ۽ گئس، ٽيلي ڪام ۽ مالياتي خدمتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري تي پرڪشش منافعو پيش ڪري ٿو. هن اها ڳالهه يو اي اي جي سفير حمد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.