APP57-17 ISLAMABAD: April 17 – Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi chairs meeting of the Federal Cabinet at Prime Minister Office. APP

اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا مالي سال 19 – 2018ع کان 21 – 2020ع جي لاءِ بجيٽ حڪمت عملي دستاويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. ناڻي واري ڊويزن مالي سال 19 – 2018ع کان 21 – 2020ع بابت بجيٽ اسٽريٽجي پيش ڪئي ۽ مالي سال 18 – 2017ع جي اقتصادي انگن اکرن بابت ڪابينا کي آگاهه ڪيو.