APP30-23 KARACHI: April 23 - Prime Minister of Pakistan Shahid Khaqan Abbasi addressing the inaugural session of CPEC Summit & Expo 2018. APP

ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) رڳو موجوده ئي نه پر ايندڙ نسلن جي لاءِ پڻ شاندار ثمر رکندڙ منصوبو آهي جنهن سان پاڪستان سميت وسيع تر خطو فائدو کڻندو. هن اها ڳالهه سي پيڪ سمٽ کي خطاب ڪندي چئي جنهن جو اهتمام ڊان ميڊيا گروپ منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت جي حصيداري سان ڪيو. وزيراعظم چيو ته 3 سالن کان به گهٽ عرصي ۾ اهو منصوبو هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ان منصوبي پاڪستان کي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو آهي.