APP74-26 ISLAMABAD: April 26 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi addressing a ceremony in connection with "Girls in ICT Day" held at PM Office. APP

اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت عورتن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي ته جيئن اهي پنهنجي بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي زندگي جي سمورن شعبن ۾ اڳتي وڌي سگهن. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي اهتمام هيٺ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ جي تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪرين جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن پاڪستاني عورتن کي هڪ جهڙا موقعا ڏنا وڃن ته اهي پنهنجي صلاحيتن جو بهترين انداز ۾ مظاهرو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.