APP42-28 ISLAMABAD: March 28 - Chairman Senate, Muhammad Sadiq Sanjrani exchanging views with Saudi Ambassador to Pakistan, Nawaf Bin Said Al-Malki at Parliament House. APP

اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي شهرين لاءِ به فخر جو سبب آهن، اهي لاڳاپا حڪومتي ۽ رياستي سطح کان اڳتي وڌي عوام کان عوام تائين پهچي ويا آهن، ٻئي ملڪ مضبوط مذهبي رشتن ۾ جڙيل آهن، اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ جي چيئرمين پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواب بن سعد المالڪي سان پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات دوران ڪيو.