APP52-09 ISLAMABAD: March 09 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi in a meeting with a delegation of Population Council at PM Office. APP

اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته تيزي سان وڌندڙ آبادي پائيدار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج آهي ۽ ان کي صوبائي حڪومتن جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پاپوليشن ڪائونسل جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر زيبا اي ستار (تمغه امتياز) وفد جي قيادت ڪري رهي هئي، وزيراعظم چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي پائيدار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج آهي جنهن کي صوبائي حڪومتن جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي.