اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي آئيني عمارت ٽن ٿنڀن تي بيٺل آهي جن مان هڪ پارليامينٽ آهي، سمورا ادارا آئين ۽ آئين پارليامينٽ مان جنم وٺي ٿو، سمورن ادارن کي آئين موجب پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم هن ايوان ۾ جيڪو بحث ڇيڙيو آهي، ان سان پاڪستان آئيني ۽ قانوني طور تي مستحڪم ٿيو آهي، مخالف ڌر اڳواڻ به اهو چيو آهي ته اهو بحث تمام گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها، پاڪستان جا 70 سال جهڙي طرح گذريا آهن.