اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي ميڊيا معاملن بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهرالقادري ملڪ ۾ ڌرڻن ۽ مظاهرن جي سياست کي متعارف ڪرايو آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته طاهرالقادري هڪ ڪينيڊين شهري آهي جيڪو خصوصي مشن سان گڏ پاڪستان آيو آهي.