آستانه – 09 جون (اي پي پي) پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مملڪتي سربراهه ڪائونسل جي 17 هين اجلاس دوران ايس سي او جو باضابطا طور تي مڪمل ميمبر بڻجي ويو. قزاخستان جي صدر نور سلطان نذربايوف 17 هين ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي پڄاڻي تي باني ميمبرن پاران دستاويز تي صحيحن کانپوءِ ان ڏس ۾ باقاعده اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي وفد سان گڏ ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، واپار وارو وزير خرم دستگير ۽ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڄام ڪمال به وزيراعظم سان گڏ هئا. قزاخستان جي صدر نور سلطان نذربايوف، چين جي صدر شي جن پنگ، ڪرغزستان جي صدر الماس بيگ اتام بايوف، روس جي صدر ولادي مير پيوٽن، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزوف، افغانستان جي صدر اشرف غني، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشنڪو ۽ منگوليا جي صدر تاخيا جن البگدورج پنهنجي تقريرن ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف کي مبارڪباد ڏني.