APP29-22 ISLAMABAD: March 22 - Advisor to the Prime Minister on National History and Literary Heritage, Irfan Siddiqui receiving book on Human Rights Violations in Indian Held Kashmir by the author Dr. Halil Toker, Head Urdu Chair of Istanbul University, Turkey during later's call on at National History and Literary Heritage Division. APP

اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي وارثي واري صلاحڪار عرفان صديقي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل لازمي آهي. حريت پسند ڪشميري عوام جي مسلسل قربانين ۽ ثابت قدمي سان عالمي برادري ۾ انهن جي آزادي جي تحريڪ جي حمايت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استنبول يونيورسٽي ترڪي جي اردو شعبي سربراهه ڊاڪٽر خليل طوقار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.