APP55-17 ISLAMABAD: March 17 - President Mamnoon Hussain in a meeting with members of a committee on ‘Availability of Essential Drugs of High Standard, Efficacy, Safety, Quality and Affordable Prices for All and Check on Spurious Drugs’ headed by Federal Ombudsman, Salman Faruqui, called on him at the Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عوام جي علاج ۽ سستي دوائن جي فراهمي لاءِ ڊاڪٽرن، دوا ٺاهيندڙن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وچ ۾ ويجهو تعاون ۽ اهم معاملن تي اتفاق ضروري آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي ايوان صدر جو تعاون حاصل رهندو. هن اها ڳالهه وفاقي محتسب جي دوائن بابت ڪميٽي جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفاقي محتسب محمد سلمان فاروقي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.