APP59-13 ISLAMABAD: February 13 – MNA Syed Ayaz Ali Shah Sheerazi along with delegation calls on the Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif at PM HOUSE. APP

اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ سکر کان ملتان موٽر وي، ڪراچي – حيدرآباد موٽر وي سميت وڏا ترقياتي منصوبا ۽ توانائي جي شعبي ۾ ڪيترائي ترجيحي پراجيڪيٽس سنڌ جي عوام لاءِ اسان جي حڪومت جو تحفو آهن. هن اها ڳالهه ٺٽي کان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر سيد اياز علي شاهه شيرازي جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ملاقات دوران چئي.