اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جو نگوونو ڪاراباخ ۽ آذربائيجان جو ڪشمير جي مسئلي تي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف پنهنجي وفد سان گڏ اقتصادي تعاون تنظيم ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان پهتو آهي جنهن ايوان صدر ۾ صدر ممنون حسين سان ملاقات ڪئي.