ڪراچي – 26 جون (اي پي پي) وقتي صدر ميان رضا رباني مرحوم امجد صابري جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته امجد صابري جو فن ۽ ورثو هڪ اهڙي پکيءَ وانگر آهي جنهن کي نه پڃري ۾ بند ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان کي قبر جي اندر دفن ڪري سگهجي ٿو، الله طرفان مليل صلاحيتن، حوصلي ۽ محمد صه سان محبت ذريعي هن سڄي دنيا ۾ محبت ۽ امن جو پيغام پکيڙيو. وقتي صدر ميان رضا رباني مرحوم امجد صابري جي رهائشگاهه تي وڃي سندس پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وقتي صدر ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته امجد فريد صابري جو مثال ان صوفي جهڙو آهي جيڪو هڪ ڪمري ۾ ويٺل آهي ۽ اوچتو هڪ پکيءَ ان ڪمري ۾ اچي وڃي ٿو پر ان کي واپس نڪرڻ جو رستو نه ٿو ملي، صوفي ان بي يار مددگار پکيءَ کي ڏسندو رهي ٿو ۽ هو ان کي تاڙي وڄائي ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ رهنمائي ڪري ٿو. اهڙي طرح امجد صابري پنهنجي قوالي ذريعي ماڻهن کي صحيح رستو ڏيکاريو ۽ انهن جي رهنمائي ڪئي.