لنڊن – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف استنبول ۾ اتاترڪ ايئرپورٽ تي خودڪش ڌماڪن جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ ڪيترائي معصوم شهري مارجي ويا آهن. وزيراعظم افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ترڪيءَ جي عوام ۽ حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.