اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) برطانيا جي شهزادي چارلس وزيراعظم محمد نواز شريف جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس دل جي ڪامياب آپريشن تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم هائوس پاران جاري هڪ بيان موجب شهزادي چارلس وزيراعظم کي برطانوي ملڪه الزبيٿ ٻه طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.