راولپنڊي – 31 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ماڻهو وزيراعظم محمد نواز شريف جي صحت بابت فڪرمند آهن ۽ سندس جلد صحتيابي جي لاءِ دعاگو آهن. وزيراعظم محمد نواز شريف جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا واري تقريب منعقد ڪئي وئي. اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ۽ ڪيپيٽل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڊولپمينٽ ڊويزن (ڪيڊ) جي مملڪتي وزير تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته وزيراعظم جي آپريشن جا ڪامياب نتيجا نڪتا آهن ۽ وزيراعظم کي سٺي صحت عطا ڪرڻ ۾ اسان الله تعاليٰ جا ٿورائتا آهيون.