ملتان – 05 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت جو ڌيان صحت سميت سمورن شعبن تي آهي ۽ انهن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن. هن اها ڳالهه بختاور امين ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته حڪومت صحت جون سهولتون عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته صحت جا مسئلا ايترا ڳنڀير آهن جو ڪا به حڪومت انهن کي اڪيلي سر منهن نه ٿي ڏئي سگهي. ان سلسلي ۾ فلاحي ادارن کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته ڪيترين ئي بيمارين کان بچڻ صحت جي بهتر اصولن تي عمل ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي.