APP49-01 ISLAMABAD: August 01 – Air Chief Marshal Sohail Aman called on Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif at PM House. APP

اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪ جي فضائي سرحدن جي تحفظ ۽ خاص طور دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو صفايو ڪرڻ ۾ پاڪ فضائيه جي ڪردار کي ساراهيو آهي، هو پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان سان ڳالهائي رهيو هو. جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم جاري آپريشن ضرب عضب ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهگاهن کي تباهه ڪرڻ ۾ پاڪستان ايئر فورس جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي.