ممبئي -13 نومبر (اي پي پي)ڀارت ۾ جاري 13هين آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جو سيمي فائينل لائين اپ مڪمل ٿي ويو آهي. ميزبان ڀارت، ڏکڻ آفريقا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون ميگا ايونٽ جي سيمي فائينل ۾ پهچي ويون آهن. ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائينل (سڀاڻي) 15 نومبر تي ميزبان ٽيم ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ممبئي ۾ کيڏيو ويندو. ميچ ڏيڍ وڳي شروع ٿيندي جيڪا ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. ڀارتي ٽيم جي قيادت روهت شرما، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي ڪيم وليمسن ڪندو. ٽورنامينٽ جو ٻيو سيمي فائينل 16 نومبر تي ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو. ميگا ايونٽ جو فائينل 19 نومبر تي آچر ڏينهن احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.