لکن- 02 نومبر (اي پي پي)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ اڄ جمعي تي هڪ ميچ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ نيڌر لينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون. هي ميچ ميگاايونٽ جو 34 هون ميچ هوندو ۽ ڏينهن جو هڪ لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جو 13 هون ايڊيشن جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگاايونٽ ۾ اڄ جمعي تي ميچ کيڏيو ويندو جنهن ۾ نيڌر لينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون ڀارت رتن شري اٽل بهاري واجپائي ايڪنا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، لکن ۾ زور آزمائينديون. ميگاايونٽ ۾ نيڌرلينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون 6، 6 ميچ کيڏي چڪيون آهن ۽ افغانستان جي ٽيم ٽي ميچ کٽي چڪي آهي ۽ ٽن ميچن ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، اهڙي طرح نيڌر لينڊ جي ٽيم کي چئن ميچن ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ٻن ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. افغانستان جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي 6 پوائنٽس سان ڇهين نمبر تي آهي جڏهن ته نيڌر لينڊ جي ٽيم 4 پوائنٽن سان ٽيبل تي اٺين نمبر تي آهي. ميگاايونٽ جو فائنل ميچ 19 نومبر تي احمد آباد ۾ کيڏيو ويندو.