ڪراچي-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال تي فوڪس ڪري رهي آهي. ٻوڏ جي پاڻي سبب بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن، ان سان گڏ متاثرن جي بحالي جي مرحلي جي پڻ شروعات ٿي چڪي آهي ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي سروي جاري آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات جي شاهي خاندان جي فرد 300 گهر ٺاهي ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. جتي اسڪول، مسجد ۽ ڪميونٽي سينٽر جي سهولت پڻ هوندي، جڏهن ته گهرن ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ سولر پينل به لڳايا ويندا. جنهن تي جلد ڪم شروع ٿيڻ جي اُميد آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ ۾ سنڌ حڪومت جو هٿ ونڊرائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ آرڪائيوز ۾ رليف اينڊ ريهيبليٽيشن جي سرگرمين بابت پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت گهر ٺاهڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. جنهن لاءِ اربين رپيا مختص ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. جنهن ۾ پرڏيهي سفارتڪارن ۽ پرڏيهي ميڊيا کي به دعوت ڏني ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جون امدادي ڪارروايون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 43141 خاندانن کي راشن جا ٿيلها فراهم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته متاثرين کي 16650 خيما، 10770 ترپال ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو. هن چيو ته ڪل 1241873 خاندانن کي راشن جا ٿيلها فراهم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته متاثرن ۾ 417635 خيما، 433560 پلاسٽڪ جون ترپالون، 782988 منرل واٽر، 62837 جيري ڪينس، 14005 بيڊ شيٽس، 2790079 مڇر دانيون، 18916 جانورن جون مڇردانيون ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. ان کان علاوه PDMA متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ 113 ٽرڪ مائونٽڊ ڊي واٽرنگ پمپ، 79 گرائونڊ اسٽينڊ ڊي واٽرنگ پمپ ۽ 175 ننڍا ڊي واٽرنگ پمپ فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو وهڪرو هڪ لک ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي آمد 113600 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تي وهڪرو 82700 ڪيوسڪ رهيو. صوبائي وزير چيو ته تمام وڏي آفت آهي، جنهن سڄي صوبي ۾ وڏي تباهي مچائي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري برسات متاثرن جو ڪيس موثر انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪيو آهي. جنهن کانپوءِ هاڻي عالمي برادري مدد لاءِ اچي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان کي تمام گهڻي ڍيل ڏني وئي آهي. گذريل ڏينهن به هن عام جلسي ۾ رياست جي ادارن تي حملا ڪيا. جيتري سهولت عمران خان کي ميسر آهي، ايتري ڪنهن به ٻئي پاڪستاني کي ناهي. هي شخص روزاني بنيادن تي هڪ سوچي سمجھي بي هودا مهم هلائي رهيو آهي. هن چيو ته معزز سيشن جج جنهن ڏينهن موڪل تي هئي ان ڏينهن عدالت ۾ ڪارو چشمو لڳائي فقط ڏيکاءَ لاءِ معافي گهرڻ عدالت پهچي ويو. پاڻ سان سوشل ميڊيا ٽيم کي به آندو، جيڪي عدالت جي ڪمري ۾ وڊيو رڪارڊ ڪندي رهي. ڇا اهو عدالت کان معافي گهرڻ جو مناسب طريقو آهي ؟ هن چيو ته فرح گوگي جي پنجاب ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ جي ڪهاڻيون موجود آهن. جنهن ذريعي ڪرپشن جو پئسو بني گالا ويندوهو. عليما خان پرڏيهه ۾ ملڪيتون خريد ڪيون. خيبرپختونخواهه وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم بي آر ٽي پشاور ۾ 7 ارب رپين جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي. ان کان علاوه مالم جبا، بلين سونامي ٽري اسڪينڊل، فارن فنڊنگ ڪيس آهن. پر ادارا ان تي خاموش آهن ۽ عمران خان کي اسٽي آرڊر ڏنا ويا. هن چيو ته پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ بعد پهريون ڪم اهو ڪيو ته فرح گوگي خلاف اينٽي ڪرپشن ڪيس بند ڪري ڇڏيا. شرجيل انعام ميمڻ اپيل ڪئي ته ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر کي شوڪت خانم اسپتال جي عطين سميت عمران خان خلاف سمورن ڪيسن جو آڊٽ ڪن. هن چيو ته عمران خان پنهنجي سياست جي خاطر ملڪي مفادن کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سندس مطلب اھو ھر گز ناھي تہ عمران خان تي ڪوڙا ڪيس ٺاھيا وڃن، پر جيڪي ڪيس آهن. انهن تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم هڪ سنگين مسئلو آهي. سنڌ پوليس اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته پوليس اسٽريٽ ڪرائم ۾ قتل جا 54.4 سيڪڙو ڪيس حل ڪيا آهن. جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ زخمين جا 36.66 سيڪڙو ڪيس حل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پوليس جا سٺا آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن جي وڌيڪ ڀرتين جو عمل جاري آهي، ته جيئن شهر ۾ گشت وڌايو وڃي. هن چيو ته سنڌ پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ دهشتگردي جا وڏا وڏا ڪيس حل ڪيا آهن. هن چيو ته اسان کي شهر مان خوف جي فضا کي ختم ڪرڻو پوندو. اسٽريٽ ڪرائم جي اڪثر ڪيسن ۾ شهري نه ئي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندا آهن ۽ نه ئي شاهدي ڏيڻ ايندا آهن. مسئلن جي باوجود ڪراچي ۾ پوليس اسٽريٽ ڪرائم جا ڪيترائي واقعا حل ڪيا. جنهن مان معلوم ٿيو آهي ته غير مقامي ماڻهو اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث آهن. هن چيو ته ڪراچي تي اپ ڪنٽري مان آبادي جو دٻاءُ آهي. ڪيترائي ماڻهو روزگار لاءِ اچن ٿا پر ڪيترائي ماڻهو اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث مليا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ 700 هنڌن تي عوام کي سستي اگهه تي اٽو فراهم ڪري رهي آهي. اخبارن ۾ سڀني هنڌن جا ايڊريس ۽ موبائيل نمبر شايع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پوري پاڪستان ۾ سڀ کان سستو اٽو فراهم ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ دڪانن کان علاوه موبائل ٽرڪن ۾ اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته جتي ضرورت آهي اتي اٽي جا اسٽال پڻ لڳايا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته غريب علائقن جي عوام کي اٽو فراهم ڪيو وڃي.