تاشقند – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم جي ازبڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي ۽ سيڪيورٽي لحاظ کان نئون دروازو کلندو، اميد آهي ايندڙ سالن ۾ وچ ايشيائي رياستن سان واپار ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيندو. ازبڪستان جي دوري جي حوالي سان پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته صدارتي مهل ۾ وزيراعظم عمران خان جي ازبڪستان جي وزيراعظم سان ملاقات ٿي آهي، وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي صدر سان پڻ ملاقات ڪندو. هن ٻڌايو ته ان دوري جو اهم مقصد پاڪستان، افغانستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سفري سهولتن ۾ اضافو ڪرڻ آهي. اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن تان سامان تاشقند تائين اچي، ان سان وچ ايشيائي رياستن سان اسان جي واپار ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيندو، واپار واري وزارت ان حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته هن دوري جو ٻيو حصو افعانستان ۾ امن بابت آهي، سڀاڻي (جمعي) تي هتي هڪ اهم ڪانفرنس ٿيڻ وڃي رهي آهي جنهن م علائقائي رابطن تي ڳالهه ٿيندي ۽ وزيراعظم علائقائي رابطن جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هن ٻڌايو ته علائقائي رابطن سان معيشت جي سگهه ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وڏي انگ ۾ ڪاروباري ماڻهو به تاشقند آيا آهن، انهن کي هتي ڪاروبار جا موقعا مليا آهن. هن چيو ته هن دوري سان پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ معاشي ۽ سيڪيورٽي لحاظ کان دروازو کلندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ سندس وفد کي تمام گهڻي احترام سان نوازيو ويو، سيڪيورٽي جا ڀرپور انتظام ڪيا ويا هئا، هيلي ڪاپٽر فضا ۾ گردش ڪندو رهيو، وزيراعظم عمران خان جو ازبڪستان پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو.