تهران- 18 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايراني نمائندي امير سعيد ايرواني گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر ڏانهن لکيل خط ۾ هرمزگان جي ڏکڻ صوبي ۾ پُلن، ريلوي اسٽيشنن ۽ رهائشي علائقن تي ٿيل مبينا آمريڪي حملن جا تفصيل بيان ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعيد ايرواني چيو ته اهي حملا گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 4 (2) جي ڀڃڪڙي …
ايران جو گڏيل قومن کان آمريڪي حملا فوري بند ڪرڻ جو مطالبو

مزید خبریں
تهران- 18 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايراني نمائندي امير سعيد ايرواني گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر ڏانهن لکيل خط ۾ هرمزگان جي ڏکڻ صوبي ۾ پُلن، ريلوي اسٽيشنن ۽ رهائشي علائقن تي ٿيل مبينا آمريڪي حملن جا تفصيل بيان ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعيد ايرواني چيو ته اهي حملا گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 4 (2) جي ڀڃڪڙي ۽ طاقت جي استعمال يا ڌمڪي ڏيڻ جي پابندي جي ڀڃڪڙي آهن. ايراني سفير مطابق خميس جي رات ۽ جمعي جي صبح ٿيل حملن ۾ بندر عباس ۽ ڪوهرستان بندر خمير جي رستن تي ڪيترائي اهم پُل تباهه ٿيا. ان مطابق هڪ پُل کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ هڪ عام شهري جي گاڏي تباهه ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا. هن چيو ته بندر عباس جي هڪ رهائشي علائقي تي حملي ۾ هڪ شهري فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا.











