اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي جي ڪري حڪومت وٽ تيل جي قيمتن ۾ اضافي کانسواءِ ڪو چارو نه هو پر ان اضافي جي باوجود پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون هن پوري علائقي ۾ سڀ کان گهٽ آهن.