اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ شرح توليد ۾ گهٽتائي ۽ آبادي ۾ اضاي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته وڌندڙ آبادي نه رڳو ملڪ جي وسيلن تي بار پر سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ڪري رهي آهي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ان هوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ خانداني منصوبابندي جي خدمتن جي فروغ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر وليد اقبال ۽ سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهرروري تيمور سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته غذائي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري صهت جي شعبي ۾ وڏا چئلينجز آهن، ٻارن ۾ غذائي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري جي تدارڪ جي لاءِ ملڪ ۾ ماءُ جو پير پيارڻ جي رجحان جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عالم سڳورا ۽ ميڊيا خانداني منصوبابندي جي فروغ ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ وقفي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي سينيٽرز ملڪ ۾ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان صدر جي ڪوششن کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته وڌندڙ آبادي جي روڪٿام ۽ ان حوالي سان ماڻهن ۾ آگاهي جي لاءِ ذاتي حيثيت سان به پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.