
اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي مجموعي قومي سلامتي بشمول افغانستان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. صدر کي سندس خصوصي دلچسپي جي شعبي، سائبر سيڪيورٽي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. صدر قومي سلامتي جي لاءِ آءِ ايس آءِ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان جي پيشيواراڻي تياري تي اطمينان جو اظهار ڪيو.