اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي ڏس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي اڳواڻن تي زور ڏنو آهي ته سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙن ۽ انتهاپسندي جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي، نفرت پکيڙيندڙ ويب سائيٽس جي خلاف عالمي سطح تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڪجهه عالمي اڳواڻ ۽ اولهه ملڪن جي قيادت ان معاملي کي نه سمجهي رهيا آهن، اظهار راءِ جي آزادي جي حد ايستائين آهي جيستائين ٻيو انسان ان کان مجروح نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن انٽاريو ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان ڪينيڊين براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (سي بي سي) کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو جيڪو آچر ڏينهن نشر ڪيو ويندو. واضح رهي ته لنڊن انٽاريو حملي ۾ ڪئناڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني خاندان جا 4 ماڻهو مارجي ويا هئا جڏهن ته هڪ 9 سالا ڇوڪرو سخت زخمي ٿيو هو، جنوني حملي آور انهن تي ٽرڪ چاڙهي ڇڏي هئي. ڪئناڊا جي پوليس چيو هو ته پاڪستاني خاندان کي ان جي لاءِ نشانو بڻايو ويو ڇو ته اهي مسلمان هئا. اهو خاندان 2007ع ۾ پاڪستان کان ڪئناڊا منتقل ٿيو هو. وزيراعظم عمران خان ان واقعي جي ٽوئيٽر تي سخت مذمت ڪندي ان کي دهشتگردي قرار ڏنو ۽ اولهه ملڪن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سي بي سي کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ان واقعي جو تمام گهڻو گهرو اثر پيو آهي جنهن ۾ هڪ پاڪستاني خاندان کي نشانو بڻايو ويو.