اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي پٺيان پنهنجي ايندڙ نسلن بابت سوچ لڪل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان 12 – 2011ع جي موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزارت جي بجيٽ کان وٺي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي ٽيبل ڏيندي چيو ته ايندڙ مالي سال جي لاءِ موسمياتي تبديلين واري وزارت جي بجيٽ 14 ارب 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ 12 – 2011ع ۾ اها بجيٽ 5 ڪروڙ هئي. 13 – 2012ع ۾ اها بجيٽ 13 ڪروڙ 50 لک رپيا هئي. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ پهرين سال 14 – 2013ع ۾ اها بجيٽ 6 ڪروڙ 87 لک رپيا، 15 – 2014ع ۾ اها بجيٽ 2 ڪروڙ 51 لک، 16 – 2015ع ۾ 3 ڪروڙ 97 لک، 17 – 2016ع ۾ 2 ڪروڙ 70 لک ۽ مالي سال 18 – 2017ع ۾ 81 ڪروڙ 50 لک رپيا ۽ آخري مالي سال 19 – 2018ع ۾ 80 ڪروڙ 26 لک رپيا رکي وئي. پي ٽي آءِ جي حڪومت جي پهرين مالي سال 20 – 2019ع ۾ 7 ارب 57 ڪروڙ 90 لک، 21 – 2020ع ۾ 6 ارب ۽ هاڻي مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ 14 ارب 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.