اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بجيٽ کي هر طبقي جي ماڻهن ساراهيو، ان سان بجيٽ جي اهميت وڌي وڃي ٿي، مخالف ڌر جو رويو معمول موجب غيرذميواراڻو رهيو، ان اڃا تائين بجيٽ پڙهڻ جي به تڪليف ناهي ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهڙي غيرسنجيده مخالف ڌر مان عوام ڪهڙي اميد ڪري سگهي ٿي. ايندڙ 7 سال به اهي ماڻهو ائين ئي بينر کڻي ڪنڊ ۾ بيٺل ملندا.