APP51-310521 ISLAMABAD: May 31 – Farrukh Habib, Minister of State for Information and Broadcasting along with Mohsin Laghari, Minister Irrigation Govt. of Punjab and Haleem Adil Sheikh, Opposition Leader Sindh Assembly addressing a press conference. APP

اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۽ ورڇ جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيلي ميٽري نظام نصب ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن ته جيئن صوبن ڏانهن ويندڙ پاڻي جي مقدار جي مانيٽرنگ ۽ لاسز کي روڪي سگهجي، ايندڙ 10 سالن ۾ 10 وڏا ڊيمن ٺهڻ سان ايترو پاڻي ذخيرو ۽ سستي پن بجلي پيدا ٿيندي جيتري 70 سالن ۾ ٿي آهي، انهن آبي ذخيرن جي مڪمل ٿيڻ سان هڪ ڪروڙ 30 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿي سگهندو، چارسده، نوشهره ۽ ٻيا علائقا جيڪي شديد برساتن ۾ ٻڏي ويندا هئا انهن آبي ذخيرن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اهي علائقا به محفوظ ٿي ويندا، وزيراعظم عمران خان واعدو ڪيو هو ته ادارن کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، ان تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. هو پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ پنجاب جي آبپاشي واري وزير محسن لغاري سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.