اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستاني فوج کي گندو ڪرڻ لاءِ لابيون ڪم ڪري رهيون آهن، پاڪ فوج مون سان هر وقت گڏ بيٺل آهي، افغانستان ۽ انڊيا جي معاملي تي فوج منهنجي مدد ڪئي آهي ۽ آئون پنهنجي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهيان، ڪرتار پور کان ويندي، پائليٽ کي ڇڏڻ تائين فوج منهنجي حمايت ڪئي آهي، منهنجو فوج ڪڏهن به ڪنهن معاملي تي ساٿ ناهي ڇڏيو، مخالف ڌر وارا اسلام خطري ۾ آهي ۽ جمهوريت خطري ۾ آهي جا راڳ آلاپي رهيا آهن، 6 مهينا ملي ويا ته ملڪ ترقي ڪندو، نيب جي ڪري بيورو ڪريسي ۽ واپاري ڊنل آهن، ايف بي آر سميت ٻيا ادارا آٽوميشن جي پاليسي اختيار ڪرڻ نٿا چاهين انهن کي آخري موقعو ڏنو آهي، ڪراچي ۾ ڀنڊار ٻيٽ تي شهر اڏي رهيا آهيون، ڪراچي جو معاملو ان جي ڪري خراب آهي جو اتي اندروني سنڌ وارا حڪومت ڪن ٿا، ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين، سنڌ تبديلي لاءِ تيار آهي، ارڙهين ترميم ۾ تبديلي ٿيڻ گهرجي جيئن اختيار صوبن ۾ هيٺين سطح تي منتقل ٿين، تيل بحران بابت رپورٽ منظر عام تي آڻينداسين، دنيا جي سمورن ملڪن سان اسان جا رابطا بهتر آهن، مشرف اين آر او ڏئي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو ڀلي منهنجي حڪومت هلي وڃي پر آئون اين آر او نه ڏيندس. مخالف ڌر سان ڪهڙي معاملي تي ڳالهيون ڪريان، اهي ته ڪرپشن ڪيسن کي بند ڪرائڻ چاهين ٿا، هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مخالف ڌر صرف ان لاءِ گوڙ ڪري رهي ته جيئن انهن جي ڪرپشن جي ڪيسن کي نه کوليو وڃي اهي سمورا ڪيس بند ڪيا وڃن ۽ پوءِ اسان ڏسنداسين ته اسيمبلي ۾ وڏيون سٺيون تقريرون ٿينديون ۽ اسان سڀ جمهوريت کي بچائڻ وارا لڳنداسين، هن چيو ته ڀلي کڻي منهنجي حڪومت هلي وڃي ڪنهن به ڪرپشن ڪيسز تي اين آر او نه ڏيندس، وزيراعظم چيو ته مشرف وڏو پاڪستان سان ظلم ڪيو آهي، هن اين آر او ڏئي پاڪستان جي قرضن ۾ وڏو اضافو ڪيو. آصف زرداري کي اين آر او ڏئي 60 بلين ڊالر جيڪي سري محل جا هئا ۽ اهي سئٽرزلينڊ ۾ پيل هئا، انهن تان پوئتي هٽي ويو ۽ جڏهن ڪيس آخري مرحلي تي پڄڻ وارو هو ته اين آر او ڏئي پاڪستان کي انهن پئسن کان محروم ڪيو ويو، هن چيو ته اسان وٽ پهرين ته پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا نه هئا، اسان پهرين سال 10 ارب ڊالر جو قرض ڏيڻو هو روانگي واپار گهٽ ۽ آمدني واپار وڌيڪ هو، هن چيو ته اسان جي لاءِ پهرين ٻن سالن لاءِ اهو ٽارگيٽ هو ته معيشت کي مستحڪم ڪريون ٻي سال ۾ جڏهن معيشت وڌڻ ويجهڻ شروع ڪيو ته ڪورونا اچي ويو پر ان جي باوجود بنگلاديش ۽ ڀارت کان اسان جي معيشت بهتر آهي، جولاءِ ۾ سڀ کان وڌيڪ اوڳاڙي ٿي آهي، گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي وڪري ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان جي معيشت جو رخ بهتر ٿي ويو آهي.