اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاعي ضرورتن کان غافل نه آهي، اسان جي امن ۽ دوستي جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پنهنجي سرزمين ۽ عوام جي حفاظت جي پوري صلاحيت رکون ٿا، ڀارت پاران اسٽريٽجڪ خطرن کي مانيٽر ڪندا رهندا آهيون. سينيٽ ۾ ڀارت پاران انٽرسپٽ ميزائل جي تجربي جي معاملي تي التوا واري رٿ تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاعي صلاحيتون وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي، اسان پنهنجي دفاعي ضرورتن کان غافل نه آهيون ۽ ان حوالي سان اسان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ پنهنجي دفاعي صلاحيتون اضافو ڪري رهيا آهيون