APP80-17 ISLAMABAD: October 17 – Prime Minister Imran Khan addressing Youth gathering after launch of “Kamyab Jawan” program. APP

اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت نوجوانن جي ترقي ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ڪامياب جوان پروگرام تحت سڄي ملڪ جي 10 لک نوجوانن کي ميرٽ تي 100 ارب روپين جا قرض ڏنا ويندا، 25 سيڪڙو قرض عورتن لاءِ هوندا، هڪ لک جو قرض بنا وياج ڏنو ويندو، هڪ لک نوجوانن کي ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏينداسين. ڪامياب جوان پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪامياب جوان پروگرام جي پهرين مرحلي جي آغاز تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، دنيا ۾ اهي قومون اڳتي وڌينديون آهن جنهن ۾ ميرٽ جو نظام هوندو آهي، ڪامياب جوان پروگرام جي سڃاڻپ ميرٽ آهي، اسان چاهيون ٿا ته ميرٽ سڀ کان پهرين هجي.