APP69-17 ISLAMABAD: October 17 – Special Assistant to PM for Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addresses press conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هر ٽي وي چيئنل مولانا فضل الرحمان جي پروقار شخصت کي ڏيکاري رهيو آهي ان جي باوجود کيس اعتراض آهي، مولانا صاحب ٻڌائي ته هو ڪهڙو چهرو ڏيکارڻ چاهي ٿو، ميڊيا کي گذارش آهي ته هو زيرو کي هيرو بڻائڻ بدران والاريل ڪشمير جي مظلومن کي هيرو طور ڏيکارين، ڏنڊا کڻڻ، جٿا ٺاهڻ ۽ گارڊ آف آنر وٺڻ جو اختيار صرف رياست وٽ آهي، جيڪڏهن ڪو ائين ڪندو ته پيمرا تي به نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ٿيندو ان لاءِ اطلاعات واري وزارت جون هدايتون ضروري نه آهن، موجوده حڪومت سياسي معاملن کي سياسي طريقي سان حل ڪري رهي آهي، حڪومت جون ترجيحون ۽ مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي، ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي عزم کي ڪنهن هڪ شخص جي تابع نٿا رکي سگهون، ميڊيا بريفنگ دوران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان جو حسين چهرو ۽ پروقار شخصت کي هر ٽي وي چئنل صبح ۽ شام ڏيکاري رهيو آهي ۽ هو هر ٽاڪ شو جي زينت بڻيل آهي.