APP07-16 ISLAMABAD: October 16 - President Dr. Arif Alvi addressing the ceremony to mark the appointment of Group Chief Executive of Bestway Group Limited Zameer Choudery to the House of Lords UK. APP

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪي ترقي لاءِ خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ محفوظ ملڪ آهي، شاهي جوڙي جي پاڪستان جي دوري سان غير ملڪي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو، وزيراعظم عمران خان بار بار خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي جي ڳالهه ڪندو آهي، واپارين کي منافعي سان گڏوگڏ عوامي ڀلائي جو خيال رکڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي دارالامرا جي ميمبر ۽ پاڪستاني سيڙپڪار ضمير اي چوڌري جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.