APP33-02 ISLAMABAD: October 02 - First Lady Mrs. Samina Alvi addressing the national conference “The Pivotal Role of Dukhtaran-e-Pakistan in Peace Building & Harmonization of Society” organized by IIUI. APP

اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته عورتون پنهنجي فڪر ۽ عمل سان معاشري کي شدت پسندي کان پاڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، عورتن جي قومي زندگي ۾ شموليت کانسواءِ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، معاشري ۾ عورتن جي وارثتي حقن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا کي ڇاتي جي ڪينسر بابت عورتن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اهو پيغام پهچائڻ گهرجي ته پاڪستان فلاحي ۽ پرامن ملڪ آهي ته جيئن دنيا ۾ امن جي سفير طور پاڪستان جو تشخص اجاگر ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي ۾ معاشري ۾ هم آهنگي ۽ امن سازي ۾ پاڪستاني عورتن جو اهم ڪردار جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.