APP63-01 ISLAMABAD: October 01 – Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan briefing the media persons about the decisions taken in the Federal Cabinet meeting. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان کي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ مظلوم ڪشميرين جو ڪيس ڀرور انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ ڀارتي حڪومت پاران غيرقانوني ۽ ظالماڻن قدمن کي بي نقاب ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي، وفاقي ڪابينا گوادر بندرگاهه کي ٽيڪسيشن کان ڇوٽ ڏيڻ، اي ڪامرس پاليسي ۽ حلال فوڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي جي جوڙجڪ جي منظوري ڏيندي ڊينگي جو مرض پکڙڻ، مصنوعي طور تي اٽي جي قيمت ۾ اضافي جي شڪايت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.