APP07-20 ISLAMABAD: September 20 – Special Assistant to Prime Minister for Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan is addressing the Kashmir Solidarity Millennial Youth Convention 2019 at Jinnah Convention Centre. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارت جي ظلم، بربريت ۽ 47 ڏينهن جي مسلسل ڪرفيو کانپوءِ والاريل ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي جيل جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جي مائرن، ڀينرن، ڌيئرن، بزرگن ۽ ٻارن جو ڪيس وڙهڻ جي لاءِ انساني حقن جو علمبردارن ۽ عالمي برادري جي ضمير جي جاڳائڻ لاءِ هر عالمي فورم تي وڃي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل ڪائونسل ۾ معصوم ۽ مظلوم ڪشميرين جو وڪيل ۽ سفير بڻجي پنهنجو چٽو موقف دنيا جي سامهون رکندو، والاريل ڪشمير ۾ ظلم، ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي جو دور ختم ۽ آزادي جو سج اڀرڻ وارو آهي. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ يڪجهتي ڪشمير يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهي هئي.