APP02-01 MAKKAH: June 01 – Prime Minister Imran Khan exchanging views with Crown Prince of Kingdom of Saudi Arabia HRH Mohammed bin Salman bin Abdulaziz Al Saud at the 14th Islamic Summit in Makkah-Al-Mukarramah. APP

اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب اها ملاقات مڪه مڪرمه ۾ 14 هين اسلامي ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي ٿي. سعودي ولي عهد اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جو سعودي عرب جي دوري تي سندس شاندار استقبال ڪيو.