وزيراعظم پاران افغانستان ۾ دهشتگردي جي واقعي تي مذمت

اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي صوبي ميدان وردڪ ۾ دهشتگردي جي واقعي تي پرزور مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دهشتگردي جي واقعي تي افغانستان جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته جنگ سان تباهه ٿيل اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ تمام جلد امن بحال ٿيندو.

مزید خبریں