APP69-29 GAWADAR: October 29 - Acting President, Muhammad Sadiq Sanjrani delivering key note address at the inaugural ceremony of Standing Committee Meeting Of Asian Parliamentary Assembly (APA). APP

گوادر/ اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته گوادر علائقو خطي ۽ ننڍي کنڊ جي وچ ۾ هڪ وڏو پاڻي ۽ زميني لنگهه بڻجڻ وڃي رهيو آهي، جيڪو مختلف ملڪن جي معيشتن جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي موقعا پيدا ڪندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار گوادر ۾ ٿيندڙ ايشيائي پارلياماني اسيمبلي جي سياسي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ ايشيائي پارليامينٽ جي جوڙجڪ جي خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو.