APP68-22 ISLAMABAD: May 22 – Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi chairing 55th session of Azad Jammu & Kashmir Council at PM Office. APP

اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جو 55 هون اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ايل او سي تي ڀارتي فورسز طرفان اجائي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو نشانو بڻجندڙ ڪشميرين جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ان موقعي تي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هروڀرو بيگناهه ۽ شهرين جو قتل عام ڪري رهي آهي