
اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف بي بنياد الزامن تي پارليامينٽ ۾ سچائي پيش ڪندو. تعليمي نمائش جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه مخالف ڌر پارٽيون پنهجي ڪوڙ ذريعي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوششون ڪري رهيون آهن تنهن هوندي به قوم حقيقت کان آگاهه آهي.