وزيراعظم محمد شهباز شريف 10 کان 12 نومبر تائين ترڪيه جي شهر انطاليه جو دورو ڪندو

اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 10 کان 12 نومبر تائين ترڪيه جي شهر انطاليه جو دورو ڪندو، جتي هو گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائيميٽ چينج (يو اين ايف سي سي سي) جي تحت ڪوپ 31 ڪانفرنس جي عالمي اڳواڻن جي سربراه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم 11 نومبر تي عالمي …

اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 10 کان 12 نومبر تائين ترڪيه جي شهر انطاليه جو دورو ڪندو، جتي هو گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائيميٽ چينج (يو اين ايف سي سي سي) جي تحت ڪوپ 31 ڪانفرنس جي عالمي اڳواڻن جي سربراه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم 11 نومبر تي عالمي اڳواڻن جي سربراه اجلاس کي خطاب ڪندو، جنهن ۾ هو عالمي برادري تي زور ڏيندو ته هو ڌرتيءَ کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي. وزيراعظم پاران شمسي توانائي جي روغ ۽ قابل تجديد توانائي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ کڄندڙ قدمن کي اجاگر ڪندو جيڪي صاف سٿري ۽ موسمياتي تبديلين جي جي مقابلي ۾ وڌيڪ مستحڪم معيشت ڏانهن منتقلي جو حصو آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان کانسواءِ آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ اڳواٽ خبرداري جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي به روشني وجهندو. وزيراعظم اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحت وڌائڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳڪٿي، مناسب ۽ آساني سان پهچندڙ موسمياتي مالي مدد جي فراهمي تي پڻ زور ڏيندو. وزيراعظم سربراهه اجلاس جي موقعي تي ڪوپ 31 جي صدارت پاران منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطح جي گول ميز ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ هو ترڪيه جي قيادت ۽ دُنيا جي ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو. ڪوپ 31 جي عالمي اڳواڻن جي سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت عالمي موسمياتي تبديلي جي عالمي ايجنڊا لاءِ پاڪستان جي ڀرپُور حمايت جو اظهار آهي. ان موقعي مان پاڪستان کي موسمياتي بحران کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان ويجهي تعاون جي عزم کي ورجائڻ جو موقعو پڻ ملندو.