گڏيل قومن- 10 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جاري جنگ ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ موثر جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته فوجي ڪارروائين جو تسلسل تڪرار کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ ۽ انساني مُشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، ان لاءِ ٻئي ڌريون ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرار جو پرامن حل …
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جاري جنگ ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ موثر جنگبندي جو مطالبو

مزید خبریں
گڏيل قومن- 10 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جاري جنگ ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ موثر جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته فوجي ڪارروائين جو تسلسل تڪرار کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ ۽ انساني مُشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، ان لاءِ ٻئي ڌريون ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرار جو پرامن حل ڳولين. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سيد حيدر علي شاهه يوڪرين جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي ويڙهه ۾ مسلسل واڌ ۽ ان جي نتيجي ۾ عام ماڻهن ۽ شهري سهولتن کي پهچندڙ نقصان تي سخت ڳڻتي آهي. هن چيو ته فوري ۽ موثر جنگ بندي سان جاري جنگ روڪڻ، گڏيل اعتماد جي بحالي ۽ هڪ قابل قبول سياسي حل جو رستو هموار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته فوجي طاقت جي ذريعي مسئلي جو حل ڳولڻ جُون ڪوششون تڪرار ۾ وڌيڪ واڌ ۽ متاثر آبادي جي مُشڪلاتن کي ڊيگهه ڏيڻ جو خطرو آهن. جنگ جا انساني اثر ۽ خوراڪ ۽ توانائي جي عالمي منڊين ۾ پيدا ٿيندڙ عدم استحڪام سان يورپ کان پري اسرندڙ ملڪ به غير متناسب طور تي متاثر ٿي رهيا آهن. پاڪستاني مندوب چيو ته ٻئي ڌريون تڪرار کي وڌيڪ وڌائڻ کان پاسو ڪن. هن زور ڏنو ته اوليشڪي ۾ اڳڀرائي کي هڪ محدود مثال تائين رهڻ نه گهرجي، پر شهرين جي تحفظ، بنا رنڊڪ انساني امداد جي فراهمي ۽ جنگ کان مُتاثر علائقن مان لڏپلاڻ ڪندڙن جي لاءِ محفوظ رستو يقيني بڻايو وڃي.










