اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي، ڪارپوريٽ سماجي ذميواري بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ شرميلا فاروقي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري بل 2026ع سينيٽ جي ترميم سان منظور ٿيڻ صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي لاڳاپيل وزير مخالفت نه ڪئي. ايوان مان بل جي شق وار منظوري ورتي وئي. بعد ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه بل منظوري …
قومي اسيمبلي، ڪارپوريٽ سماجي ذميواري بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي، ڪارپوريٽ سماجي ذميواري بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ شرميلا فاروقي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري بل 2026ع سينيٽ جي ترميم سان منظور ٿيڻ صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي لاڳاپيل وزير مخالفت نه ڪئي. ايوان مان بل جي شق وار منظوري ورتي وئي. بعد ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.











