عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ استحڪام، سون ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان رهيو، جڏهن ته سون، چانديءَ ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، زنده چوپائي مال جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 11 سينٽ جي گهٽتائي کانپوءِ 101.65 ڊالر في بيرل ۾ طئي …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان رهيو، جڏهن ته سون، چانديءَ ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، زنده چوپائي مال جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 11 سينٽ جي گهٽتائي کانپوءِ 101.65 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جي مستقبل جا سودا هڪ سينٽ جي اضافي سان 115.62 ڊالر في بيرل تي پهچي ويا. رپورٽ مطابق سون جي قيمت ۾ 16.51 ڊالر جي گهٽتائي ٿي ۽ اهو 4000.20 ڊالر في اونس ٿي وئي، جڏهن ته چانديءَ جي قيمت 1.62 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 52.73 ڊالر في اونس رڪارڊ ڪئي وئي. زرعي جنسن جي منڊي ۾ مڪئي جي قيمت 1.75 ڊالر جي گهٽتائي سان 453.25 ڊالر في بشل ۽ ڪڻڪ جي قيمت 2.25 ڊالر جي گهٽتائي سان 613.75 ڊالر في بشل ٿي وئي. ٻي طرف ڪپهه جي قيمت ۾ 45 سينٽ جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زنده چوپائي مال جي قيمت ۾ 7 سينٽ جي اضافي سان 231.20 ڊالر في يونٽ ٿي وئي.