نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي آر فور ۽ يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت، علائقائي چئلينجز جي حل لاءِ سفارتي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي فوري ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ

استنبول - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن استنبول ۾ آر فور ملڪن (ترڪيه، سعودي عرب ۽ مصر) جي پرڏيهي وزيرن سان گڏ فرانس، جرمني، اٽلي ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نار خطي جي علائقائي صورتحال، ان جي سماجي ۽ اقتصادي اثرن ۽ امن، سلامتي ۽ استحڪام بابت علائقائي چئلينجز جي حل …

استنبول – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن استنبول ۾ آر فور ملڪن (ترڪيه، سعودي عرب ۽ مصر) جي پرڏيهي وزيرن سان گڏ فرانس، جرمني، اٽلي ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نار خطي جي علائقائي صورتحال، ان جي سماجي ۽ اقتصادي اثرن ۽ امن، سلامتي ۽ استحڪام بابت علائقائي چئلينجز جي حل لاءِ سفارتي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي فوري ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصبن کي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ، ٻيهر جنگي ڪارروايون شروع ڪرڻ کان روڪڻ ۽ امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان پاران جاري سفارتي ۽ ثالثي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. سمورن پرڏيهي وزيرن ان طرز جي اجلاسن تي اتفاق ڪيو.