اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان هڪ ڏاهو سياستدان آهي جڏهن ته جيڪي ماڻهو ماضي ۾ کيس چور، ڌاڙيل ۽ ڊيزل جهڙن لقبن سان پُڪاريندا رهيا، اڄ انهن جي وڪالت ڪرڻ مولانا فضل الرحمان کي سونهين نه ٿو. سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياسي اختلافن ۽ …
مولانا فضل الرحمان کي چور، ڌاڙيل ۽ ڊيزل جهڙن لقبن سان پُڪاريندڙن جي وڪالت ڪرڻ سونهين نه ٿو: بئريسٽر دانيال چوڌري
اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان هڪ ڏاهو سياستدان آهي جڏهن ته جيڪي ماڻهو ماضي ۾ کيس چور، ڌاڙيل ۽ ڊيزل جهڙن لقبن سان پُڪاريندا رهيا، اڄ انهن جي وڪالت ڪرڻ مولانا فضل الرحمان کي سونهين نه ٿو. سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياسي اختلافن ۽ ماضي جي بيانن کي نظرانداز ڪري سياسي موقف اختيار ڪرڻ کان اڳ اڳوڻن روين کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان هڪ تجربيڪار سياستدان آهي ۽ کيس سياسي معاملن ۾ پنهنجي موقف جو تعين ڪندي ان ڳالهه کي به ڏسڻ گهرجي ته ماضي ۾ سندس بابت ڪهڙي زبان استعمال ڪئي ويندي رهي آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته جيڪي سياسي عنصر ماضي ۾ مولانا فضل الرحمان تي سخت تنقيد ڪندا رهيا، انهن جي حق ۾ اڄ موقف اختيار ڪرڻ تي سياسي تڪرار جو سوال پيدا ٿئي ٿو.












